رڙي 1

رڙي: رڙيءَ جو ڳوٺ ضلعي ٺٽي ۾، جاتي شهر کان 16 ميل اوڀر طرف جاتي- کورواهه روڊ تي واقع آهي. هي سنڌ جو قديم شهر آهي. رڙي شهر اصل ۾ جتن جو جوڙايل آهي، جنهن ۾ رڳو جت رهندا هئا. رڙي شهر بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ مطابق رڙي اصل راوڙ هو، جنهن جو بنياد چچ برهمڻ پنهنجي ايامڪاري ۾ وڌو. سندس وفات بعد سندس پٽ ڏهرسينه ان قلعي کي مڪمل ڪرايو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجو ٻيو خيال ظاهر ڪندي لکي ٿو ته: راوڙ جو قلعو غالباً لاڙ ۾ واقع آهي. رڙي شهر ’رڙ‘ مان نڪتل آهي، جڏهن اٺن جو وڳ گڏ ٿيندو آهي ته وڳ ۾ موجود ڏاچيون، اٺ ۽ گونرا ’رڙيون‘ ڪندا آهن، جنهنڪري هن شهر جو نالو ’رڙي‘ پيو.
هڪ ٻيءَ روايت آهي ته پير نور شاهه جي هڪ مريدياڻي سندس فراق ۾ رڙيون ڪري مري وئي، ان ڪري شهر تي رڙي نالو پيو. نور شاهه جي مزار رڙيءَ ۾ آهي.
گھڻو وقت پوءِ جڏهن ڪيهرن ڏکڻ سنڌ ڪڪرالي واري علائقي تي قبضو ڪيو ته هي شهر ڪيهرن جي قبضي ۾ اچي ويو. سنڌ جي ڏاکڻي شهر ڪوٽڙيءَ کان رڙي 45 ميلن تي آهي. رڙيءَ شهر جو اوج ختم ٿئي ٻه سؤ ورهيه گذري چڪا آهن، 1244هه/1828ع تائين هي آباد ۽ وسندڙ شهر هو.
ڪجهه مؤرخن جو چوڻ آهي ته سترهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن ڪڪرالي جي حاڪمن جي حڪومت ختم ٿي رهي هئي ته رڙي شهر جو اوج به ختم ٿي ويو. ڪجهه تاريخون اهي اهو به لکن ٿيون ته 1828ع ۾ جڏهن سر جيمس برنس رڙيءَ شهر ۾ آيو ته هن شهر جو اوج ختم ٿي چڪو هو . ان وقت رڙي شهر ۾ 500 کن گهر هئا.
جيمس برنس لکيو آهي ته : ”رڙي بهترين ۽ سٺو شهر آهي، جيڪو اڳ ۾ آباد ۽ اوج تي هو، پر هينئر ان جو اهو اوج نه رهيو آهي. رڙي شهر سنڌو نديءَ کان گھڻو پري آهي. پاڻيءَ جو دارومدار برساتي پاڻيءَ تي آهي، رڙي شهر اولهه ۾ آباد آهي، پر اوڀر طرف ويران آهي.“ رڙي شهر هينئر رڻ جو حصو آهي. رڙيءَ جا خواجه ’سيـٺيـون‘ مشهور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو